عبدالرحيم ڏيٿو

عبدالرحيم ڏيٿو

ڏيٿو عبدالرحيم

ڏيٿو، عبدالرحيم: نامور اديب، سماج سڌارڪ ۽ تعليمدان پروفيسر عبدالرحيم ولد الله بچايو ڏيٿو، 15 فيبروري 1919ع تي ڳوٺ ’ٻيلو‘ تعلقي سجاول، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ د اخل ٿيو، جتان 1939ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1941ع ۾ گـورنـمـينٽ ڪاليج ڦليليءَ مان انٽر جو امتحان پاس ڪيائين. 1945ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين، جتي اسڪول پاران نڪرندڙ مئگزين جي سنڌي ڀاڱي جو ايڊيٽر رهيو. اسڪول واري زماني ۾ علامه مشرقي سان خاڪسار تحريڪ ۾ سرگرم رهيو، 1946ع ۾ مسلم ليگ نيشنل گارڊ طور مسلم هاسٽل محله جو سالار رهيو. هندستان مان سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ڪندڙ مسلمانن جي خدمت، تيمارداري ۽ استقبال لاءِ سندس اڳواڻيءَ ۾ ڪيترن شاگردن گڏجي سندن خدمت ڪئي. تحريڪ پاڪستان ۾ سندس شاگردن مان سيد قمر زمان شاهه، ميجر ڊاڪٽر انور عابد قاضي، جسٽس عبدالقادر هاليپوٽو (سابق وزيراعليٰ سنڌ)، مظهرالحق صديقي (وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي) ۽ ٻين ساڻس گڏ ڪم ڪيو. هن صوبي بهار ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم خلاف چندو گڏ ڪري مدد لاءِ موڪليو. ٻي مهاڀاري جنگ دوران کيس بهاولپور ۾ متاثرين جي مدد ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي، جتي دوائون ۽ خوراڪ پهچائڻ کانسواءِ مفت تعليم ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيائين ۽ جلسا منعقد ڪيائين. اتان واپس اچڻ بعد ’حلقة القرآن‘ نالي هڪ تحريڪ شروع ڪري، ماڻهن کي اسلامي طريقي سان زندگي گذارڻ جو سبق ڏنائين.
هن مخدوم طالب الموليٰ جي والد ۽ سهري جي سهڪار سان سروري جماعت جي ماڻهن تي مشتمل لٺ بردار فورس تيار ڪري، فوجي ٽريننگ ڏياري. ڏيٿو شاگرديءَ واري دؤر ۾ بهترين فوٽ بالر هو. احمدآباد (انڊيا) وڃي فوٽ بال راند کيڏيو. ان کانپوءِ هاڪيءَ جي فرسٽ اليون جو ميمبر هو. ڪرڪيٽ ۽ والي بال جو بهترين رانديگر هو. اسڪائوٽ جي ٽريننگ ڪوئيٽا مان ورتائين. سيد علي اڪبر شاهه ميهڙ واري جي قائم ڪيل جامع عربيه اسڪول ۾ مفت ٽيوشن پڙهايائين ۽ سٽي ڪاليج ۾ مفت سنڌي پڙهائڻ لاءِ ليڪچرار به رهيو.
عبدالرحيم ڏيٿو، ٽريننگ ڪاليج ۽ سٽي آرٽس ڪاليج حيدرآباد ۾ به استاد رهيو ۽ پوءِ 1964ع ۾ سٽي آرٽس ڪاليج حيدرآباد ۾ پرنسپال جي عهدي تي فائز ٿي خدمتون سرانجام ڏنائين. هن حيدرآباد کان پنجن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي ڏيٿا ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان رحيم آباد نالي هڪ ڳوٺ ٻڌو، جتي تعليم جي کوٽ محسوس ڪندي ٽي اسڪول قائم ڪرايائين، جن ۾ بوائز پرائمري اسڪول، بوائز مڊل اسڪول ۽ نياڻين لاءِ گرلس پرائمري اسڪول شامل آهن. سندس ڪوششن سان انهن اسڪولن ۾ تعليم، يونيفارم ۽ ڪورس جا ڪتاب مفت ڏنا ويندا هئا، جنهن سان ان ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ٻار مفت تعليم حاصل ڪرڻ لڳا ۽ پوري علائقي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو شعور پيدا ٿيو. پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿي ٽريننگ ڪاليج جي ادبي ماحول ۾ وڏي دلچسپي ورتي ۽ مختلف موضوعن تي مضمون لکڻ شروع ڪيا، سندس ڪيترا مضمون ڪاليج مان نڪرندڙ ’ملا مخزن‘ ۽ آرٽس ڪاليج جي مئگزن ۾ شايع ٿيندا رهيا.
عبدالرحيم ڏيٿي، سنڌي نثر، تقرير توڙي تحرير ۾ ٻولي پختي استعمال ڪئي آهي. شاهه جي شاعريءَ جو وڏو پارکو هو. ليڪچرن ۽ تقريرن دوران به شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جا حوالا ڏئي تمام سهڻي نموني سمجھائيندو هو. هن سٽي آرٽس ڪاليج حيدرآباد ۾ نوڪريءَ دوران ’سنڌي ادبي مجلس‘ قائم ڪري ڪيترا ڪتاب ڇپرايا، جن ۾: ’ادبي آئينو‘، ’لطيفي لهرون‘ ۽ ٽماهي رسالو ’سنيهو‘ شامل آهن. سندس مضمونن جو ڪتاب ’ادبي آئينو‘ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان بي. اي جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پروفيسر ڏيٿو رهبر ادبي سوسائٽيءَ (راس) جي بانيڪارن مان هو. ’راس‘ جي پليٽ فارم تان شاهه عبداللطيفرح جي بيتن کي درست تلفظ سان پڙهڻ جي حوالي سان سٽي ڪاليج ۾ ليڪچرن جو سلسلو شروع ڪيائين ۽ ’شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح تعارفي ٽوئر‘ جي عنوان سان لاهور، ملتان، قصور، پشاور ۽ آزاد ڪشمير ۾ پروگرام رکي شاهه سائينءَ جي امن ۽ ڀائيچاري جي پيغام کي عام ڪيائين. سندس تصنيفن ۾: (1) ’تمدن جي مختصر تاريخ‘ ۽ (2) ’ادبي آئينو ’اهم‘ آهن.
ڏيٿي صاحب ڪيترين ادبي مجلسن جي صدارت ڪئي ۽ مقالا پڙهيا. پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ جامع مسجد به تعمير ڪرايائين، مسجد ۾ ٻارن کي قرآن پاڪ پڙهائڻ لاءِ استاد به مقرر ڪيائين. پاڻ ان مسجد ۾ مؤذن ۽ پيش امام هو.
هن سماج جي اصلاح ۽ سڌاري لاءِ تقريرون ۽ واعظ ڪري ماڻهن ۾ ديني ۽ دنيوي شعور اجاگر ڪيو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ عبدالرحيم ڏيٿي جي شخصيت بابت هڪ شعر لکيو آهي:
هو خوب علم پرور عبدالرحيم ڏيٿو،
هر فرد لاءِ دلبر عبدالرحيم ڏيٿو،
کل مک فراخ دل هو، هو پياري طبع وارو،
خود هو ادب جو اختر عبدالرحيم ڏيٿو.
پروفيسر عبدالرحيم جي شاگردن جو دائرو وسيع آهي، جن وٽس تعليم حاصل ڪئي، سي اڄ به سندس شفقت، محبترهنمائي جي ساراهه ڪن ٿا. پروفسير عبدالرحيم ڏيٿي 6 ڊسمبر 1986ع تي وفات ڪئي.




هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.02.15  عيسوي

نامور اديب، سماج سڌارڪ ۽ تعليمدان پروفيسر عبدالرحيم ولد الله بچايو ڏيٿو، 15 فيبروري 1919ع تي ڳوٺ ’ٻيلو‘ تعلقي سجاول، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.


1986.12.06  عيسوي

پروفسير عبدالرحيم ڏيٿي 6 ڊسمبر 1986ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسين هارون
سيد محمد مبارڪ شاهه جيلاني ثاني
دلدار عباسي
جسوڌڻ
الطاف شيخ
استاد وريلداس
اعجاز سمون
گلشير راهو
جتوئي عبدالرحيم آزاد
سليم سرهندي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون